چنا،عائشه خاتون

چنا،عائشه خاتون

عائشه خاتون چنا

عائشه خاتون چنا : سنڌ جي نامياري تعليمدان جيجي عائشه خاتون چنا، پاٽ ضلعي دادوءَ جي معزز شخصيت، رئيس محمد يوسف چنا جي نياڻي هئي. هن پاٽ شريف ۾ 1885ع ۾ هڪ سکيي ستابي گهر ۾ جنم ورتو. هن ماستر خان محمد چنا سان شادي ڪئي، جيڪو پڻ پنهنجي وقت جو ماهر تعليم هو. جيجي عائشه خاتون، پاٽ شريف ۾ 1910ع ۾ مڪتب/ مدرسو قائم ڪيو، جتي 1973ع تائين مسلسل درس تدريس ڏيندي رهي، جڏهن مرڪزي وزير تعليم عبدالحفيظ پيرزادي، مُلا مڪتبن جي گرانٽ بند ڪري ڇڏي ته هو سندن ملا مڪتب ۽ پرائمري اسڪول به بند ٿي ويو، انهيءَ مڪتب ۽ اسڪول ۾ سوين شاگردن تعليم حاصل ڪئي، جن ۾ ڪيتريون نامياريون شخصيتون (1) عبدالله چنا، نامور اديب ۽ اڳوڻو ڪليڪٽر، جيڪو سندس ننڍو ڀاءُ هو، (2) پروفيسر امينا خميساڻي، سندس ڀاڻيجي، (3) پروفيسر ڪريم بخش چنا سندس ڀاڻيجو هو نامور ليکڪ، قومي ڪارڪن ۽ ٻيا شامل هئا. هن معزز خاتون ۽ تعليمدان 16 آگسٽ 1975ع تي وفات ڪئي ۽ کيس وصيت موجب اباڻي ”قاضي قاسماڻي قبرستان“ پاٽ شريف ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو